پاڪستانسنڌ

بلدياتي قانون تڪڙ ۾ ٺاهيو، ترميمون ڪرڻيون هيون:مراد شاهه

ٽنڊوالهيار (ن، سنڌ ايڪسپريس) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٽن ڊگري ڪاليجن جي عمارتن جو ڪم هلي پيو، اسان چاهيون ٿا ته مذهب، زبان ۽ رنگ کان هٽي ڪري سڀني سان محبت ڪريون ۽ صوبي کي ترقي ڏياريون. اسان ماضي جي سياست ۽ ان جي روش کي ورجائڻ نٿا چاهيون. ڪرونا سبب معاشي حالات خراب ٿيا، جنهن جي ڪري پيٽي ڪرائم ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته ناڻي وارو وفاقي وزير چوي ٿو ته مون 2009ع ۾ به آئي ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون، پر ان وقت سخت شرطون ان لا نه هيون جو پ پ جي حڪومت هئي. اسان مردم شماري کي گڏيل پارليمنٽ اجلاس ۾ چئلينج ڪيو، بلدياتي قانون ۾ ترميم ڪرڻي هئي. سينيٽ ۾ متحده اپوزيشن اڪثريت رکي ٿي. هن چيو ته 21 نومبر جو اليڪشن ڪميشن چيو ته جيڪو بلدياتي قانون ٺاهڻو آهي، ٺاهيو، اسان تڪبنديون ڪنداسين، اسان ان لا بلدياتي قانون جلدي ۾ ٺاهيو، جنهن تي اسان سڀني ڌرين سان ڳالهيون ڪيون، پر اپوزيشن ها گوڙا ڪئي. اسان ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا، جنهن سان عوام کي فائدو ٿئي، بلدياتي قانون کي ڪارو قانون چوڻ غلط آهي. هن چيو ته ٽنڊوالهيار ۾ جيڪو واقعو ٿيو، ان کي سياسي رنگ ڏنو ويو، ڪراچي ۾ جيڪو مظاهرو ٿيو، ان جو اڳ ئي رستو طئي ٿيل هو، پر ايم ڪيو ايم رستو تبديل ڪري سي ايم هائوس پهتي، لٺبازي وارو عمل غلط آهي. ٽنڊوالهيار ۾ رضوي هائوس ۾ ميڊيا ۽ بچاڻي هائوس ۾ ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي وٽ ورڪرن سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ بلدياتي قانون هڪ آرڊيننس آهي، ان کي اسيمبلي ۾ آندو ئي نه ويو. ڪي پي ڪي ۾ بلدياتي قانون ۾ پارٽي جي بغير اليڪشن ٿيڻا آهن، انهن قانون کي تبديل ڪندي بغير اليڪشن ڪرائي ڇڏيا، پي ٽي آئي سڄي ملڪ جي سالميت آئي ايم ايف وٽ گروي رکي آهي. پ پ ۽ مسلم ليگ نون جا ڪجهه سينيٽر ڪنهن ضروري سبب جي ڪري ٻاهر آهن. پي ٽي آئي ڪرپشن جي خاتمي جو نعرو هڻي وڌيڪ ڪرپشن ڪري رهي آهي. هي هارين کان سستي ڪڻڪ وٺي ٻيڻن اگهن تي ٻاهر موڪلين ٿا، جئين کنڊ ۽ ڀاڻ جو بحران پيدا ڪيو ويو آهي، ائين پهرئين ڪڏهن نه ٿيو. ساڍا ٽن سالن ۾ پي ٽي آئي حڪومت اهي سڀ ڪم ڪيا آهن، جنهن سان عوام جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي. اٽو، کنڊ، سبزي ۽ ٻيون شيون مهانگيون ٿي ويون آهن. هن چيو ته پ پ 2008ع ۾ جئين اقتدار ۾ آئي ته وزيراعظم گيلاني ڪڻڪ سپورٽ پرائز وڌايو، قيمتون وڌڻ سان ملڪ ڪڻڪ ۾ خود ڪفيل ٿيو، پي ٽي آئي جي پاليسي آهي ته پنهنجن آبادگارن کي وڌيڪ ڪنگلو ڪجي ۽ ٻين ملڪن جي آبادگارن کي وڌيڪ اگهن تي ڏئي پنهنجا کيسا ڀري. ان موقعي تي هن جيالن کي 27 فيبروري واري لانگ مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button