اسلام ڪوٽ: ڪوئلي جي کاڻين مان نڪرندڙ زمين وارو کارو پاڻي گوڙاڻو ڊئم ايريا ۾ ڇوڙ ڪرڻ کانپو سنڌ سرڪار ۽ ڪمپنين طرفان لڪ ڇپ ۾ گوڙاڻي ڊئم کان 10 ڪلوميٽر کان مٿي ڏکڻ طرف قائم ڳوٺ ڌڪڙچو ڀرسان ٻيو ڊئم پيدا ڪري کلي ميدان ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آحي، جنهن سبب ڊئم جي ويجهو رهندڙ آبادي خطري ۾ اچي وئي آهي ۽ موڳي وٽ ٻڌل بند کي پاڻي ٽوڙي ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن پريس ڪلب اسلام ڪوٽ جي صحافين جي هڪ ٽيم متاثرن جي شڪايتن تي ڳوٺ ڌڪڙچو پهتي ۽ ڊئم ايريا جون حقيقتون ڏٺيون. ان موقعي تي امڪاني طور متاثر ٿيندڙ مختلف ڳوٺن ڌڪڙڇو، ميهاري، هاري مار ۽ گونگسي سميت 7 ڳوٺن جي سوين رهواسين ٻارن ٻچن سميت ڊئم واري هنڌ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. متاثرن شير محمد، چيتن، جاديم، ڀڳت راسو، ٿانو، برهان، ميوو، سکجي، راڻو، وينجهو، موهن ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٿرڪول بلاڪ ٻه تي ڪم ڪندڙ ڪمپني ۽ سرڪار زبردستي رات جي اونداهي ۾ ڳوٺ ڀرسان کاڻ مان نڪرندڙ کارو پاڻي ڇوڙ ڪري ڇڏيو آهي، شروع ۾ چيو ويو ته 260 ايڪڙن تي ڊئم ٺاهيو ويندو، پر هي ته کلي ميدان ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي، جيڪو هزارين ايڪڙن ۾ ڦهلجي ويندو. ڊئم کي نه ڪا ديوار نه وري بند ڏنو ويو آهي، پاڻي گهرن طرف وڌي رهيو آهي، پاڻي جو وهڪرو تيز ٿيو ته ويجهو جيڪي به گهر آهن، اهي هفتي اندر پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويندا. کاري پاڻي ڇوڙ ٿيڻ سبب اسان هزارين رهواسي، اسان جا گهر، کوهھ، وڻ، مندر، مسجدون توڙي قبرستان متاثر ٿيندا، چونڊيل نمائندا به ڪمپني ۽ سرڪار جي ونگار وهن پيا، اهي مالڪي ڪرڻ لا تيار نه آهن. هنن چتا ڏنو ته انصاف نه مليو ته عدالت جو در کڙڪايو ويندو. هوڏانهن گوڙاڻي ڊئم جي متاثر ڳوٺ سليمان حجام جي رهواسين بيوهھ اکين جي نور کان محروم پيرسن عورت حرمت ٻائي، عارب حجام، ابرهيم حجام، سنگهار حجام ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته اسان متاثر آهيون، پر اينگرو ڪمپني اسان کي ڊئم ايريا کان ٻاهر ڄاڻائي ظلم ڪيو آهي. بيوهھ حرمت ٻائي دانهيندي چيو ته منهنجو گهر ڊئم اندر هو، زمين به اندر اچي وئي، بااثر احمد شاهھ ڪمپني وارن سان گڏجي دوکو ڪيو. انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close