پاڪستانسنڌ

معاشري ۾ سچ لکندڙن ۽ پيڙھيل طبقي کي دٻايو وڃي ٿو:ميرپورخاص ۾

ميرپورخاص: صحافين توڙي سول سوسائٽي ۽ معاشري جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي حقن جي جدوجھد لاءِ جرنلسٽس، رائٽرز، سول سوسائٽي فار ٽرٿ پيس ۽ جسٽس جي پليٽ فارم تان مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر نذير پنھور پاران ميرپورخاص جي مقامي ھال ۾ صحافي ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ جي ڊبليو سي جي صدر ذوالفقار خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري شوڪت نوناري، مرڪزي اڳواڻ ظفر ابڙو، سنڌ بار ڪائونسل ميمبر وڪيل مير نعيم ٽالپر، عمرڪوٽ بار جي صدر اسد پنھور، سماجي اڳواڻ چوڌري نظام، تعليمي بورڊ جي ڪنٽرولر انور عليم خان زاده، سماجي اڳواڻ زاھده ڏيٿو، محمد بخش ڪپري، وڪيل ممتاز جروار، وڪيل غفار ناريجو، شاھد خاصخيلي، ڊاڪٽر ليکراج راٺوڙ ۽ ڊاڪٽر افضل لغاري سميت ميرپورخاص ڊويزن جي صحافين، وڪيلن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن، اديبن، ليکڪن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ھن تنظيم جا مقصد حق سچ کي اجاگر ڪرڻ سميت مظلوم طبقن جي حقن جي حاصلات لا جدوجھد ڪرڻ آهي، اسان ھر ان ماڻهو سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪي ماڻھن جا حق ڦٻائڻ چاھين ٿا، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ھن معاشري ۾ حق سچ لکندڙن سميت پيڙھيل طبقن جي حقن کي دٻايو وڃي ٿو، اسان انھن سڀني ڌرين جو ڀرجھلو ٿينداسين. ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جو مقصد سچ تي ٻڌل حقيقي صحافت کي ھٿي وٺرائڻ، قلم ڌڻين کي منظم ڪرڻ ۽ پنهنجي شعبي ۾ مھارت ڏيارڻ آهي، معاشري طرفان ڌڪاريل بي پھچ ماڻھن ۽ بااثرن جي ظلم جو نشانو بڻيل مظلوم ماڻهن جي مڪمل واھر ڪرڻ پڻ اسان جي ذميواري آهي، ان کانسواءِ ماحولياتي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻي ان جو بچاءُ ڪرڻ، جھنگلي جيوت سميت حياتيات جي نسل ڪشي روڪڻ، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ترقي پسند سائنسي ۽ اخلاقي تعليم ڏيارڻ پڻ اسان جي مقصد ۾ شامل آهي. ڪنوينشن ۾ شريڪ ماڻهن ڄاڻايل مقصدن جي حاصلات لاءِ ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button