پاڪستانسنڌ

شهدادڪوٽ ۾ پي ٽي آ اڳواڻ تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

شهدادڪوٽ ۾ پي ٽي آ اڳواڻ ۽ سيپڪو عملدارن ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ختم نه ٿي سگهي. سيپڪو پاران پي ٽي اڳواڻ ۽ سندس ڀا تي ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف پي ٽي آ ۽ لغاري برادري پاران ڪوٽو موٽو چوڪ تي شاميانا لڳائي روڊ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي پي ٽي آ اڳواڻ منظور لغاري دانهيندي چيو ته بجلي جو بل ٺھرائڻ لاءِ ڀاءُ سوڌو سيپڪو آفيس ويس ته سيپڪو عملدار علي محمد جتوئي گارگند ڪندي مارڪٽ ڪئي. جڏهن ته بي واجبي ڪرڻ باوجود شهدادڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته ڊي ايس پي شھدادڪوٽ ان معاملي ۾ ڌر بڻيل آھي، جنھن کي ھٽايو وڃي. ڪيس واپس وٺي واپڊا ھائيڊرو يونين اڳواڻ علي محمد جتوئي ۽ سندس ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي طرف سيپڪو عملدار علي محمد جتوئي، وزير علي چانڊيو، اعظم چانڊيو، گدا حسين جمالي، ايوب بروهي ۽ ٻين الزام لڳايو ته پي ٽي آ اڳواڻ منظور لغاري ھٿيار بندن سوڌو سيپڪو آفيس تي ڪاهه ڪري موت مار ڌمڪيون ڏئي ڀڃ ڊاهه ڪري وڏي ناانصافي ڪئي آهي. هنن چيو ته معاملي جي انڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئن خبر پوي ته اصل ڏوهي ڪير آهي. جيڪڏهن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته 27 سيپٽمبر تي اھڙي عمل خلاف ريجن سطح تي ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button