اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۽ افغانستان جو بارڊر ٽريڊ شروع ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد :پاڪستان ۽ افغانستان سرحدي ڪراسنگ پوائنٽس تي سهولتن کي وڌائڻ لاءِ قومي سطح تي رابطا ڪاري جي طريقيڪار جي جوڙجڪ، بارڊر ٽريڊ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جڏهن ته پاڪستان، افغانستان کي صحت، تعليم، بئنڪنگ، ڪسٽمز، ريلوي، هوابازي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ گنجائش وڌائڻ ۽ ٽريننگ ۾ تعاون جي آڇ ڪئي آهي. گذريل ڏينهن قومي سلامتي ڪميٽي جي آفيس مان جاري ڪيل بيان مطابق پاڪستان جي قومي سلامتي جي مشير ۽ افغانستان بين الوزارت رابطا سيل جي سربراهه ڊاڪٽر معيد يوسف گذريل ڏينهن ڪابل جو دورو ڪيو. دوري جو مقصد افغان قيادت سان ملڪ جي انساني ضرورتن ۽ افغانستان کي پيش ايندڙ موجوده چئلينجن تي قابو پائڻ لاءِ اقتصادي مصروفيتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو. افغانستان بابت خاص ايلچي سفير محمد صادق ۽ لاڳاپيل وزارتن جا اعليٰ عملدار وفد جو حصو هئا. ٻن ڏينهن واري دوري دوران قومي سلامتي ڪميٽي افغانستان جي قائم مقام نائب وزيراعظم ملان عبدالسلام حنفي ۽ قائم مقام پرڏيهي وزير ملان امير خان متقي سان ملاقات ڪئي. جنهن جو مقصد افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ هئي. ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ ٻين افغانستان ۽ انساني اقتصادي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطح جي وفدن جي سطح تي ملاقاتون پڻ ڪيون. ان دوري جا تجارتي سهولت ۽ سماجي شعبي ۾ تعاون جي سلسلي ۾ اڳتي وڌڻ جي حوالي سان بهتر نتيجا مليا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button