پاڪستانسنڌ

“شهدادپور کي ضلعو بڻايو” سول سوسائٽي جو ريليون

شاهپور چاڪر/مقصودو رند: شاهپورچاڪر کي تعلقي جو درجو نه ملڻ خلاف قومي ڪميشن برائي انساني حقوق، اسٽيپ فائونڊيشن، بيسڪ آرگنائيزيشن، هيومن رائيٽس يوٿ آرگنائيزيشن ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن داد الرحمان بلوچ اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي جان محمد بروهي، مير خادم عمراڻي، ايڊووڪيٽ امداد چنا، لالا لياقت جُھلڻ ۽ ٻين چيو ته شاهپورچاڪر ضلعي سانگهڙ جو چوٿون وڏو ۽ تاريخي شھر آھي، جنهن کي تعلقي جو درجو ملڻ ھتان جي عوام جو پراڻو مطالبو آھي، ڪافي ڀيرا هتان جي سياسي سماجي ماڻھن هن اهم مسئلي تي آواز اٿاريو آھي، پر ڪو کڙتيل ناهي نڪتو، سياسي بنيادن تي ڪافي تعلقا، يوسيز ۽ وارڊ ٺاهيا ويا آھن، پر هڪ لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شاهپورچاڪر کي تعلقي جي درجي کان محروم رکيو ويو آھي. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته شاهپورچاڪر کي جلد تعلقي جو درجو ڏنو وڃي. هوڏانهن مقصودو رند ۾ قومي ڪميشن برائي انساني حقوق ۽ پاڪستان زنده باد بيسڪ آرگنائيزيشن ھيومين رائيٽس يوٿ آرگنائيزيشن جي اڳواڻن جان محمد بروھي ۽ مير خادم حسين عمراڻي جي اڳواڻي ۾ شھدادپور کي ضلعي، شاھپور چاڪر کي تعلقي ۽ مقصودو رند کي ٽائون ڪميٽي جو درجو ڏيارڻ لاءِ شاھپور چاڪر کان شھدادپور تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي شاھپور چاڪر کان مقصودو رند پھتي، جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شھدادپور، شاھپور چاڪر ۽ مقصودو رند وڏي آبادي رکندڙ شھر بڻجي ويا آھن، پر شهري بنيادي سهولتن کان محروم آهن. هنن مطالبو ڪيو ته شھدادپور کي ضلعي، شاھپورچاڪر کي تعلقي ۽ مقصودو رند کي ٽائون ڪميٽي جو درجو ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button