مقصودو رند: مقصودو رند ۾ علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي چيئرمين حاجي راحب علي رند پاران سخي سلطان فقير لاشاري ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پهتو. ٽورنامينٽ جو فائنل مقصودو رند اليون ۽ خان رند اليون ۾ کيڏيو ويو. بيٽنگ ڪندي خان رند اليون جي ٽيم 10 اوورن ۾ نادر علي 30 رنسن جي مدد سان 132 رنسون ٺاھيون. مقصودو رند اليون 9 اوورن ۾ ٽارگيٽ پورو ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي. مقصودو رند اليون پاران غلام قمبر رند بھترين بيٽنگ ڪندي 53 رنسون ٺاهيون. مقصودو رند اليون ۽ ھارائيندڙ ٽيم خان رند اليون کي معزز مھمانن علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي چيئرمين حاجي راحب علي رند، وائيس چيئرمين مير امداد علي ٽالپر، حسين بخش رند، لطف علي رند، زوار غلام حيدر رند، زوار ناظم حسين رند، شاھد علي رند، پرويز علي رند ۽ ٻين کي ٽرافيون ۽ روڪ انعام ڏنا. ٽورنامينٽ جي ڪمنٽري زوار شير خان رند، رضا حسين رضا ۽ ٻين ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close