جهول: جھول شھر ۾ ڪارنهن تڪرار تان نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ صحافي قتل ٿي ويو، گوليون لڳڻ سبب مقتول جو ڀاڻج زخمي ٿي پيو. رپورٽ موجب جھول جي مين روڊ ڀرسان شرن جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ ڪارنهن تڪرار تان نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ريلوي ڦاٽڪ وٽ گھر ويندڙ جھول جي رھواسي مرتضى شر ۽ سندس ڀاڻيجي آصف شر مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ نيشنل پريس ڪلب جو اڳوڻو صدر مرتضى شر قتل ٿي ويو، جوابدار موٽرسائيڪل تي سوار مقتول جي ڀاڻيجي آصف شر کي ٻانهن ۾ گولي ھڻي فرار ٿي ويا. اطلاع تي واقعي واري ھنڌ پوليس پھچي وئي ۽ زخمي توڙي مقتول جو لاش کڻائي سول اسپتال سانگهڙ آندو، جتان مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. زخمي آصف شر جو علاج ھلندڙ ھو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. مقتول پاسبان اخبار جو رپورٽر هو ۽ نيشنل پريس ڪلب جهول جو ميمبر هو. سندس ڀا فراز شر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته برادري جي ماڻهن سان ڪارنهن جو تڪرار هلندڙ هو، جيڪي مسلسل ڌمڪيون ڏيندا هئا، انهن ئي ڀا کي قتل ڪيو آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close