اسلام آبادپاڪستان

لانگ مارچ رحيم يار خان کان پنجاب ۾ داخل ٿيندو:يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد (: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت خلاف 27 فيبروري جي لانگ مارچ جي حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي. هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي وزيراعطم يوسف رضا گيلاني چيو ته لانگ مارچ رحيم يار خان کان پنجاب ۾ داخل ٿيندو. پنجاب ۾ هي بهاولپور، ساهيوال، ملتان، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ مرڪزي اسٽاپ اور سان اسلام آباد طرف وڌندو. پ پ اڳواڻ چيو ته اسان کي خبر نه آهي ته قافلي کي گادي واري هنڌ پهچڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو پر هڪ ڳالهه ظاهر آهي ته پي ٽي آئي حڪومت مارچ شروع ٿيڻ کان پهريان بي چين ٿي وئي آهي. هن چيو ته پارٽي لانگ مارچ لاءِ ڪارڪنن کي گڏ ڪرڻ لاءِ فيبروري جي شروع ۾ ملتان ۾ ڏکڻ پنجاب جي ڪارڪنن جو ڪنوينشن ڪرڻ واري آهي جنهن کي چيئرمين بلاول ۽ آصف علي زرداري خطاب ڪندا. پ پ جي دعوت تي لانگ مارچ ۾ ڪنهن به ٻي اپوزيشن جماعت جي شامل ٿيڻ جي امڪان بابت يوسف رضا گيلاني چيو ته مسلم ليگ (ن) پهريان ئي پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان اسلام آباد طرف پنهنجي مهانگائي روڪٿام مارچ 23 مارچ تي اعلان ڪري چڪي آهي ڇو ته پيپلزپارٽي جو مارچ هڪ مهينو اڳ شروع ٿي رهيو آهي ان لاءِ هو ان محاذ تي اپوزيشن جي قيادت ڪري رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي حڪومت جي خلاف پيپلزپارٽي ۽ پي ڊي ايم جو موقف هڪ ئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پي ڊي ايم محسوس ڪيو آهي ته اسيمبلين مان استيعفائن جي خلاف پيپلزپارٽي جو موقف درست آهي ڇو ته هي پارلياماني جمهوريت لاءِ سٺو ناهي ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button