پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ تعليمي ميلو، نوجوانن ۾ مختلف مقابلا

چيلهار: چيلھار لڳ ارنرو ۾ لڳايل هڪ ڏينهن جي تعليمي ميلي ۾ نوجوانن ۾ مختلف قسمن جا چٽاڀيٽي جا مقابلا ڪرائي ٽيبلوز، سنگنگ، تقريرون، بيت بازي ۽ ڊانس سميت مختلف ڪئٽيگرين ۾ پوزيشن کڻندڙ نوجوانن ۾ انعام ۽ شيلڊون ورهايون ويون. تعليمي ميلي جي صدارت ناليواري اديب، دانشور ۽ ليکڪ اينٽي ڪرپشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر مير نادر علي ابڙو ڪئي. ميلي ۾ ميجر عمران راهمون، اڳوڻو ٽائون چيئرمين حاجي قمرالدين راهمون،چيف مانيٽرنگ آفيسر ٿرپارڪر محمد ابراهيم ڪنڀر، حاجي نور محمد ڪنڀر، واحدبخش توگاڻي، نعمان ارباب ۽ منظور گجو مهمان خاص هئا. ان موقعي تي مير نادر علي ابڙو چيو ته نوجوانن کي سمورن ادارن سان محبت ڪرڻ گهرجي. پنهنجي ملڪ سان محبت ۽ قرباني جو جذبو پڻ رکڻ گهرجي. تعليمي ميلي ۾ ميجر عمران خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ سموريون فورسز ۽ سويلين ادارا توهان جي بهتري ۽ حفاظت لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، توهان نوجوانن کي انهن سان محبت ۽ سهڪار ڪرڻ گهرجي. ميلي ۾ سي ايم او محمد ابراهيم ڪنڀر، قمرالدين راهمون، امتياز نور ڪنڀر، تعليمي ماهر ارباب نعمان راهمون، سماجي اڳواڻ منظور گجو، حاجي نور محمد ڪنڀر، رئيس سميجو، خالد سميجو،ممتاز نور ڪنڀر، عنايت يوسفاڻي، مبارڪ ڪنڀر، آفتاب احمد، عباس علي حڪيماڻي، اعجاز ڪنڀر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button