ڪوئيٽا: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان جو رعب ۽ دٻدٻو ختم ٿي چڪو آهي، 23 مارچ تي سڄي قوم اسلام آباد ۾ هوندي. ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 23 مارچ تي سڀني سياسي پارٽين کي شرڪت جي دعوت ڏني آهي، سڄي قوم اسلام آباد ۾ هوندي. هن چيو ته عمران خان جو رعب ۽ دٻدٻو ختم ٿي چڪو آهي، عوام مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهيو آهي، حڪومت جي نااهلي سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، عمران خان عوام کي مهانگائي ۽ بُک ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close