ڪابل: ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جو انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر رفيع الله افغانستان ۾ مارجي ويو. افغانستان ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي مختلف ڌڙن ۾ شديد اختلافن، پئسي ۽ اختيارن جي جنگ ۾ تيزي اچي وئي ۽ هاڻ انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر رفيع الله مارجي ويو آهي. دهشتگرد رفيع الله اين ڊي ايس، داعش ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جي مدد ڪري رهيو هو ۽ ان پنهنجا ڪيترائي ڪوڊ نالا رکيا هئا، جن ۾ وهاب، ڊاڪٽر ۽ احمد عبدالله شامل آهن. دهشتگرد ڪمانڊر رفيع الله 2011 کان ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close