اسلام آباد:سپريم ڪورٽ نوازشريف ۽ جهانگير ترين سميت ٻين سياستدانن جي تاحيات نااهلي خلاف داخل درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نوازشريف ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين سميت ٻين سياستدانن جي تاحيات نااهلي خلاف داخل آئيني درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار درخواست تي اعتراض ڪيو آهي ته هن معاملي تي سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينچ اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي. تاحيات نااهلي جي معاملي تي نظرثاني درخواستون به رد ڪيون ويون آهن. معاملي تي هڪ دفعو ٻيهر فيصلو ٿي وڃي ته نئين درخواست داخل نٿي ڪري سگهجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close