اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخوا جي صوبائي وزير شاهه محمد ۽ سندس پٽ کي پولنگ اسٽيشن مٿان حملي جي ڏوهه ۾ 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب خيبرپختونخوا جي مڪاني چونڊن دوران ضلعي بنون جي تعلقي بڪاخيل ۾ امن امان ڪيس سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن طرفان آرٽيڪل 218 اليڪشن ايڪٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي روشني ۾ اهو فيصلو جاري ڪيو ويو. صوبائي وزير ۽ سندس پٽ ايندڙ 5 سالن تائين چونڊن ۾ حصو نٿا وٺي سگهن. ٻئي ڄڻا بڪاخيل پولنگ اسٽيشن تي حملي ۾ ملوث هئا. اليڪشن ڪميشن ٻنهي ڄڻن کي حملي جو ذميوار قرار ڏنو آهي. اليڪشن ڪميشن شاهه محمد جي پٽ مامون الرشيد جي خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪارروائي دوران مامون الرشيد چونڊن ۾ حصو نٿو وٺي سگهي. اليڪشن ڪميشن هدايت جاري ڪئي آهي ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر شاهه محمد خان ۽ سندس پٽ گلباز خان، محبت خان ۽ قدرت الله جي خلاف به ڪيس داخل ڪيا وڃن. اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر محبت خان، حميدالله ۽ قدرت الله جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪئي وڃي. اليڪشن ڪميشن پوليس کي ڪيس داخل ڪري سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪيو ۽ چيو ته پوليس هن ڪيس جي سمورن رخن جي جاچ ڪري. ثابت ٿيو آهي ته صوبائي وزير شاهه محمد خان پولنگ اسٽيشن تي حملي، پولنگ اسٽاف جي اغوا ۽ چونڊ مواد ڦر ڪرڻ ۾ ملوث آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close