اسلام آباد:)مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي چور ٻين جو احتساب ڪري رهيا آهن. حڪومت جي نااهلي سبب مهانگائي عروج تي آهي، بجلي جون قيمتون وڌي رهيون آهن. عوام جي کيسن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته نوازشريف جو علاج ٿي رهيو آهي، هن سال اچي يا ايندڙ سال. جڏهن مڪمل علاج ٿي ويندو ته وطن واپس اچي ويندو. شاهد خاقان عباسي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان ٻڌائي ته هن ڪرپشن بابت نيب ۽ ايف آئي اي کي ڪيترا خط لکيا آهن. وزيراعظم جا صلاحڪار فرار ٿي ويا، صلاحڪار جي نوڪري ڇڏيندڙ پنهنجا اثاثا ظاهر ڪن. جڏهن ته نيب چيئرمين ڊيلي ويجز تي چنبڙيو پيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته نيب کي اپوزيشن نظر اچي ٿي، نيب حڪومت جي هدايتن تي اپوزيشن جي خلاف ڪيس ٺاهي ٿو. نيب کي ڇا لڳي ٿو ته اوهان کان سوال نه ٿيندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close