اسلام آباد : پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پرڏيهي وزير ملڪ جي سڃاڻپ خراب ڪئي آهي. شاهه محمود دلاور خان گروپ جو ترجمان بڻيو هو. اڱاري تي سينيٽ اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته پرڏيهي وزير بنا ڪنهن سبب جي ايترو هيٺ ڪري پيو اميد نه هئي ته پرڏيهي وزير ايتري قدر ڪري پوندو. هي سينيٽ جي توهين آهي. يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان شاهه محمود قريشي کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو. جڏهن مان اسپيڪر هيس شاهه محمود منهنجو پارلياماني معاملن جو پارلياماني سيڪريٽري هو. بي بي چيو ته شاهه محمود کي اوهان جو پارلياماني سيڪريٽري ان لاءِ بڻايو ته اوهان کان سکي سگهي. ان موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته ملتان ۾ ٽف ٽائيم ته ناهي ڏنو، ان جي جواب ۾ گيلاني چيو ته هي مان پنهنجن ٻارڙن کان پڇندس. ان کان اڳ سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر يوسف رضا گيلاني ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هن معاملي تي گذريل ڏينهن ڳالهه ٿي وئي هئي، پبلڪ ٻنهي پاسن جون ڳالهيون ٻڌي اها فيصلو ڪري وٺندي. يوسف رضا گيلاني چيو ته جيتريون به ضمني اليڪشنز ٿيون آهن، پي ڊي ايم کٽيون آهن. سينيٽ اليڪشن ۾ گڏيل اپوزيشن پي ڊي ايم کٽي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close