ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ميونسپل ڪميٽي جا وڌيڪ 11 ملازم ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويا، جن ۾ نديم احمد پٽ حمزا، نياز حسين پٽ ارباب علي، سردار پٽ محمد جڙيو، محمد صغير پٽ ڇوٽي خان، ممتاز علي پٽ غلام حسين، زاهد حسين پٽ آچر، عمران علي پٽ محمد، غلام حيدر پٽ الهبچايو، ذاڪر علي پٽ رحيم بخش، امان الله پٽ نور محمد، شھزاد پٽ عبدالحميد شامل آهن، ٻن ملازمن نسيم احمد ۽ نادر علي جون رپورٽون اڳ ئي پازيٽو اچي ويون هيون، جنهن بعد ڪرونا ۾ مبتلا ميونسپل ملازمن جو انگ وڌي 13 ٿي ويو آھي. ميونسپل اختيارين ميونسپل آفيس کي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪرونا ۾ مبتلا ملازم گهرن ۾ آئسوليٽ ٿي ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close