اسلام آباد :سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ بلدياتي اختيارين بابت ايم ڪيو ايم پاڪستان جي درخواست تي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته صوبائي حڪومت بااختيار بلدياتي ادارا قائم ڪرڻ جي پابند آهي. اڱاري تي چيف جسٽس گلزار احمد سنڌ جا بلدياتي اختيار ڪيس بابت 26 آڪٽوبر 2020 تي محفوظ ڪيل فيصلو پڙهي ٻڌايو. عدالت سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جي شق 74 ۽ 75 ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 140 جي تحت لوڪل گورنمينٽ جو قيام عمل ۾ اچي ٿو. سنڌ حڪومت سمورن قانونن جي آئين جي آرٽيڪل 140 اي سان هم آهنگي يقيني بڻائي. فيصلي ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت بااختيار بلدياتي ادارا قائم ڪرڻ جي پابند آهي. آئين موجب بلدياتي حڪومت کي مالي انتظامي ۽ سياسي اختيار يقيني بڻايا وڃن. فيصلي ۾ واضح ڪيو ويو ته ماسٽر پلان بنائڻ ۽ ان تي عمل بلدياتي حڪومتن جا اختيار آهن. بلدياتي حڪومت جي تحت ايندڙ ڪوئي نئون منصوبو صوبائي حڪومت شروع نٿي ڪري سگهي. عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ايڪٽ ۽ ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي ايڪٽ کي آئين مطابق آڻڻ جڏهن ته ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ حيدرآباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي جا قانون به آئين مطابق تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. فيصلي ۾ هدايت ڏني وئي آهي ته لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽي، واٽر بورڊ سيوهڻ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ لاڙڪاڻو ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي قانونن ۾ به ضروري ترميمون ڪيون وڃن. عدالت فيصلي ۾ چيو ته قانونن جون اهي شقون تبديل ڪيون وڃن جتي صوبائي ۽ مڪاني حڪومتن جي اختيارن ۾ فرق آهي. فيصلي ۾ چيو ويو ته لوڪل گورنمينٽ اختيارن تحت مڪاني حڪومتن وٽ بلدياتي اختيار آهن. آئين موجب بلدياتي حڪومت کي مالي انتظامي ۽ سياسي اختيار فراهم ڪيا وڃن. عدالت فيصلي ۾ چيو ته سنڌ حڪومت بااختيار بلدياتي ادارا قائم ڪرڻ ۽ مقامي حڪومتن سان سٺو ورڪنگ رليشن رکڻ جي پابند آهي. عدالت جو هي فيصلو متحده قومي موومينٽ پاران سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 جي خلاف داخل درخواست تي ٻڌايو ويو. بلدياتي اختيارن لاءِ پي ٽي آئي ۽ ايم ڪيو ايم 2017 ۾ درخواستون داخل ڪيون هيون. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ڪي ايم سي کي شهر تي گهربل اختيار حاصل نه آهي. سپريم ڪورٽ پي ٽي آئي جي درخواست الڳ ڪندي ايم ڪيو ايم جي درخاوست تي 26 آڪٽوبر 2020 تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڱاري تي ٻڌايو ويو آهي. ٻئي طرف مقامي حڪومتن جي اختيارن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلو تي ايم ڪيو ايم قيادت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. ڪنور نويد جميل سميت ٻين اڳواڻن پاران درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اعليٰ عدليا جي حڪم مطابق مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻايو وڃي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وڃي. ايل ڊي اي، ڪي ڊي اي ۽ ايم ڊي اي سميت ٻين ادارن کي اختيار ڏنا وڃن. لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جا قلم 74 ۽ 75 جي خاتمي جي حڪم تي عمل ڪيو وڃي. درخواست داخل ڪرڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي نويد جميل چيو ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جي ترميمن کي چئلينج ڪرڻ آيا هئاسين. خوش قسمتي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي پريس ڪانفرنس ۾ تفصيل سان ڳالهائينداسين. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به درخواست ۾ اهو ئي موقف اهي عدالتي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close