پاڪستانسنڌ

شاهپورچاڪر ۾ گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

شاهپورچاڪر: شاهپورچاڪر جي هاءِ اسڪول پاڙي ۾ گٽرن جو گندو پاڻي بيهڻ خلاف دڪاندارن ۽ پاڙيوارن خان رخشاڻي، آصف علي، غلام محمد رخشاڻي ۽ سلمان شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائون انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته 15 کان 20 ڏينهن کان گٽر لائين اٿلي پئي آهي، هتان مين بس اسٽاپ ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ مسافر، هاءِ اسڪول جا شاگرد، دڪاندار ۽ پاڙيوارا گٽرن جي گندي پاڻي جي مسلسل بيهڻ ڪري سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آھن، ٺيڪيدار کي چئون ٿا ته هو چوي ٿو مين لائين ٽٽل آھي، بهانا ڪيا وڃن ٿا، پر گندو پاڻي نيڪال نٿو ڪيو وڃي، دڪاندار دڪانن اڳيان بيٺل پاڻي ڪڍي پوءِ ڌنڌو ڪندا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته گندو پاڻي نيڪال ڪري مسئلي جو مستقل حل ڪڍيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button