ڪنري: ڪنري ڀرسان ڪنجھيجي موري لڳ ريلوي پوليس ميرپورخاص جي انسپيڪٽر نور حسين جي اڳواڻي ۾ عملو ريل جي سرڪاري زمين تي قائم گھر ۽ ٻيون حددخليون ھٽائڻ لاءِ پھتو، جنھن دوران ريلوي عملي گھر ڊاھڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن مزاحمت ڪئي ۽ گھر ڊاھڻ نه ڏنا، جنھن بعد ڳوٺاڻن عورتن ۽ ٻارن سميت مين بودرفارم-ڪنري روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، ھڪ ڪلاڪ ڌرڻي بعد ڪنري پوليس پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون ۽ گھر نه ڊاھڻ جي صورت ۾ ڌرڻو ختم ڪرايو، جنھن بعد پوليس ۽ عملو حددخليون ھٽائڻ بغير واپسي موٽي ويو. ٻئي پاسي عورتن ۽ مردن سفيان نوري گشڪوري، وزيران، محمد حنيف، نصرالله، فدا محمد ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو ته اسان ڪيترن ئي سالن کان ويٺل آھيون، مقامي بااثر چوڌري سرڪاري زمين ليز تي وٺي اسان کي بار بار لڏائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ريلوي جي سموري زمين تان قبضا ھٽايا وڃن ته اسان به ھٽائينداسين، رڳو اسان غريبن کي نشانو بڻائي بي گھر ڪيو پيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close