پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ هر کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ضلعي ۾ نئين مقرر ٿيل ڊپٽي ڪمشنر طاھر ميمڻ مختلف کاتن جي آفيسرن سان درٻار ھال ۾ ھنگامي گڏجاڻي ڪئي. هن عملدارن کي عوامي مسئلا حل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪندي غفلت ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي جو چتا ڏنو. گڏجاڻي دوران خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر طاھر ميمڻ چيو ته پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ خصوصي طور تي پنهنجي ذميوارين کي ڀرپور طريقي سان نڀايو وڃي. غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي جائز ڪمن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو وڃي. هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڪرونا جي ويڪسينيشن واري مهم ۾ تيزي آندي وڃي. اسپتالن ۾ دوائن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي هن چيف ميونسپل آفيسر ۽ سمورن ٽائون آفيسرن کي سختي سان هدايتون ڏيندي چيو ته شهرن ۾ روڊ رستن جي صفائي واري نظام کي بهتر ڪيو وڃي. شهر ۾ غير ضروري لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي. سمورن کاتن جي سرڪاري زمين تي جيڪي به ناجائز قبضا ٿيل آهن، اهي فوري طور ختم ڪرايا وڃن. گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي مختيار احمد خاصخيلي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪبير محمد شاهه، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر محمد عالم سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button