اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 32 مريض فوت، 5327 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 32 مريض لاڏاڻو ڪري ويا، 5327 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 5 هزار 327 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڌيڪ 32 مريض هن وبا وگهي فوت ٿي ويا ۽ وڌيڪ 3 هزار 665 مريض صحتياب ٿي ويا. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 29 هزار 301 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ڪل مريضن جو انگ 14 لک 30 هزار 366 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا هڪ لک 5 هزار 675 علاج هيٺ آهن، انهن مريضن مان هڪ هزار 500 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. 12 لک 95 هزار 390 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 55 هزار 202 ٽيسٽون ڪيون ويون. هن وقت ڪل 2 ڪروڙ 50 لک 73 هزار 585 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن. سنڌ ۾ ڪرونا وائريس جي مريضن جو انگ ٻين صوبن کان وڌيڪ 5 لک 43 هزار 170 ٿي چڪو آهي، ڪل فوتگيون 7 هزار 829 ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button