اسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ماڻهو ٽيڪس نٿا ڏين، ٽيڪس، ناڻي وارن ذخيرن سميت ٻين معاملن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻو آهي. اسلام آباد ۾ نئين آٽوميشن آف ڪرنسي ڊڪليئريشن سسٽم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شوڪت ترين چيو ته پاڪستان ۾ ماڻهو ٽيڪس نٿا ڏين، اسان انهن تائين پهچي رهيا آهيون. سامان چين کان اچي ٿو، انوائسنگ دبئي مان ٿئي ٿي. انڌي کي به سمجهڻ گهرجي ته دال ۾ ڪجهه ڪاراڻ آهي. شوڪت ترين چيو ته انهن سڀني ڪمن کي رڪاوٽن کان پاڪ هجڻ گهرجي، شين کي آٽوميشن سان ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو. ٽيڪس ۽ ناڻي وارن ذخيرن سميت ٻين معاملن ۾ اسان کي ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻو آهي. ملڪ جو ٽيڪس ۽ ناڻي وارا ذخيرا اسان جي لاءِ تمام ضروري آهن. هن چيو ته حڪومت آٽوميشن سميت سمورا ڪم ڪري رهي آهي، حڪومتي ادارا ذميواري سان ڪم ڪري رهيا آهن، سڌارن تي ڪم جاري آهي، اسان کي ترقي ڪرڻي آهي ۽ اڳتي وڃڻو آهي، ملڪ جي ترقي جي لاءِ اسان پر عزم آهيون. سندس موجب اسان جي ڪوشش آهي ته ايف بي آر کي مڪمل آٽوميٽڊ ڪيو وڃي. پيٽروليم شين جي درآمد ۾ انڊر انوائسنگ ٿي رهي آهي، انڊر انوائسنگ سبب روينيو اوڳاڙين ۾ نقصان ٿي رهيو آهي، ڪسٽم به سنگل ونڊو سسٽم متعارف ڪرائي رهيو آهي. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته 1990 ۾ پرڏيهي ڪرنسي کي ٻاهر کڻي وڃڻ جي لاءِ کوليو ويو، اڳ پرڏيهي ڪرنسي ٻاهر کڻي وڃڻ جي گنجائش ئي نه هئي، لکين ڊالرز ٻاهر اماڻيا ويا، سڀ ڪجهه هاڻي ٺيڪ ڪرڻو آهي. ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٽيڪس چوري کي روڪينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close