اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ طالبان سان ڳالهيون نه پر هاڻ جنگ ٿيندي:شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهيون اڳتي نٿيون وڌي سگھن.ڪالهه سينيٽر محسن عزيز جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد شرڪت ڪئي. شيخ رشيد ڪميٽي کي ٻڌايو ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهيون اڳتي نٿيون وڌي سگھن. ڪالعدم تنظيم جيڪي شرط رکيا هئا، اهو قبول ڪرڻ جوڳا نه هئا. جڏهن ته سيز فائر ڪالعدم تنظيم پاڻ ختم ڪيو. هن چيو ته هاڻ وري اسان جو وفد ڳالهه ٻولهه لاءِ ويو آهي پر اطلاع آهن ته ڳالهيون ڪامياب نه ٿينديون. هاڻي ڪالعدم ٽي ٽي پي سان جنگ ٿيندي، ان کانسواءِ ڪو به رستو نه آهي. سندس چوڻ هو ته نوشڪي ۽ پنجگور ۾ وڏي تباهي جي منصوبابندي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي. جڏهن ته اسلام آباد ۾ ماريل ٻئي دهشتگرد انهيءَ تنظيم جا هئا. وفاقي گھرو وزير جو چوڻ هو ته اهي ماڻهو افغانستان جي سرحدي علائقي ۾ موجود آهن، ڪجهه ٻين نون گروپن به ان ۾ شموليت ڪئي آهي. جڏهن ته اهي ماڻهو ڀارت ۽ افغانستان سان رابطي ۾ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button