ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ آن لائن ذريعي عوام سان ڊجيٽل ٺڳي ڪندڙ ھريش ڪڙيلا خلاف سول سوسائٽي، آل سنڌ پاڪستان عامر لطف علي زرداري ويلفيئر سوسائٽي، شھيد بينظير ڀٽو ويلفيئر سوسائٽي ۽ مختلف برادرين جي ماڻهن روي داس ميگھواڙ، ريجهو مل ميگهواڙ، جيرام ميگھواڙ، ديپڪ ڪمار، رتن ميگهواڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته هريش ڪڙيلا پنهنجي ڊجيٽل ٺڳي ذريعي هزارين غريب ماڻھن سان ڪروڙين رپين جو فراڊ ڪيو آهي، سندس فراڊ سبب ماڻهن جو وڏو انگ سخت پريشان آهي، سوين ماڻھن اذيت واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. هنن خدشو ڏيکاريو ته هريش ڪڙيلا جلد ملڪ ڇڏي ويندو. هنن مطالبو ڪيو ته ٺڳي ڪندڙ هريش ڪڙيلا جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري غريب ماڻھن جي رقم واپس ڪرائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close