پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ نوجوان اڳٺ سان خودڪشي ڪري ڇڏي

ڊگهڙي: ڊگهڙي واسي نوجوان گهر ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. شھر جي مير جان محمد ڪالوني جي رهواسي نوجوان سجاد حسين عرف شھزاد پٽ يامين شيخ گهر جي ڇت ۾ اڳٺ ٻڌي ڦاهو کائي ڇڏيو، نوجوان جي گهرڀاتين سندس ٽنگيل لاش ڏسي رڙيون ڪيون، جنهن تي پاڙيسري گڏ ٿي ويا، نوجوان جو ٽنگيل لاش هيٺ لاهي سندس پاڙي جا نوجوان ڇوڪرا تعلقي اسپتال ڊگهڙي کڻائي پهتا، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي گهر کڻائي ويا، لاش گهر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو. نوجوان جو پيءُ يامين شيخ اطلاع تي اسپتال پهتو، جنهن ٻڌايو ته سندس پٽ جي گهرواري لڳ ڀڳ 6 مهينا اڳ طلاق وٺي چڪي هئي، ان باوجود سندس سهري وارا مختلف طريقن سان پٽ خلاف درخواستون ڏئي تنگ ڪري کيس هراسان ڪندا هئا، ان پريشاني جي ڪري پٽ خودڪشي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button