پاڪستانسنڌ

ٻولهاڙي ۾ ادبي سنگت پاران بدامني خلاف عوامي عدالت

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي سائيٽ ٻولهاڙي ۾ بدامني ۽ بدانتظامي خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ ٻولهاڙي جي ميزباني ۾ ڳاڙهو گهوٽ ڀٽائي ڪالوني ۾ شهيد بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري اڳيان عوامي عدالت لڳائي وئي، جنهن ۾ اديبن، شاعرن، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي لائبريري مان بئٽريون چوري ٿيڻ خلاف ميڻ بتيون ٻاري ڪتاب پڙھي احتجاج رڪارڊ ڪيو ويو. عوامي عدالت ۾ نوجوان شاعر ديدار شام، نياز ڪابورو، قاري وزير مجاهدي، غلام شبير ساند، ڪاشف عباسي، ظفر ڪابورو، عابد ڪابورو، خالد ڪوريجو، عزير علي، مختيار چنو، رزاق رند، نياز ڏيپر، مختيار هالو، مولائي سليمان، علي بخش ڪابورو، زاھد ڀلائي ۽ پريل پريو چيو ته ڪوٽڙي ۾ بدامني پوليس جي بدانتظامي ۽ لاپرواهي جو نتيجو آهي، ماڻهو روز ڦرجي ۽ لُٽجي رهيا آهن، ڪير به محفوظ ناهي، معصوم ٻار اغوا ۽ قتل ٿي رهيا آهن. مسجد، مندر، اسڪول ۽ لائبريري مان چوريون ٿي رهيون آهن. هنن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري جي چوري کي هڪ هفتي کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي، پر پوليس چورن جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن تي خاموش نٿو رهي سگهجي، عوامي عدالتون لڳائي ماڻهن کي سجاڳ ڪري ٻولهاڙي ۾ بدامني خلاف هزارين ماڻهن جو مارچ ايس ايس پي ڄامشورو ڏانهن وٺي وينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button