پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ ڊئم متاثرن جو ڪٺ، حق ڏيڻ جو مطالبو

اسلام ڪوٽ: ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي ڳوٺ ڌڪڙڇو، گوڙاڻو ۽ ٻين ڳوٺن جي متاثرن ڌڪڙڇو ۾ راڄوڻي ڪٺ گهرايو. ڪٺ ۾ فشر فوڪ فورم جي وائيس چيئرمين ياسيمن شاهھ، مصطفيٰ شاهھ، اسلم ملاح ۽ آسپاس جي سوين ماڻھن شرڪت ڪئي. ان سلسلي ۾ ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي ڊئم متاثر ڳوٺ ڌڪڙڇو، گوڙاڻو، ھاري مار، مھياري، ڏاڀڙي ۽ ڪگسي جي متاثر چیتن ڀیل، شیر محمد لنجو، ونجھو ميگھواڙ، ھاری مار، راسو ڀڳت مھیاری، ھیرو ڀيل، شبیر ڀیل، ٿانو ڀيل، سکو ڀيل، سومار ڀيل، جادين لنجو، قربان لنجو، حسین لنجو، برھان لنجو، ملوڪ لنجو، میوو ڀل، راڻو ڀيل، پنھوں، ڪرشن دیوان، سومجي، شنڪر، چندو، کنگھار، ڏيوراج، ھرچند ۽ ٻين شرڪت ڪئي. فشر فوڪ فورم جي وائيس چيئرمين ياسمين شاھه ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته ٿر ڪول بلاڪ ون ۽ بلاڪ ٽو جي متاثر ڳوٺاڻن ۽ ڊئم متاثرن جي ھر ممڪن مدد ڪنداسين. ايم پي اي اي فقير شير محمد بلالاڻي جي 15 ڏينھن جي واعدي بعد مسئلا حل نه ٿيا ته ٻيھر احتجاج ڪنداسين. هتي لاقانونيت جي حد آهي، ماڻهو پنهنجن حقن لا دربدر آهن. فشر فوڪ فورم جي زيلي تنظيم جي صدر امير حسن راھمون، نصير نون، رسول بخش سمون ۽ سوين متاثر ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. ڪٺ ۾ گڏيل طور مطالبو ڪيو ويو ته ٿرڪول متاثرن لا واضع پاليسي جوڙي کين حق ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button