بيجنگ : سرمائي اولمپڪس جي افتتاحي تقريب بيجنگ ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان به شريڪ ٿيو. وزيراعظم عمران خان سان سرمائي اولمپڪس جي افتتاحي تقريب ۾ وفاقي وزير به وزيراعظم سان گڏ شريڪ هئا. چيني صدر شي جن پنگ به تقريب ۾ موجود هو. جڏهن ته تقريب ۾ روسي صدر پيوٽينسميٽ 20 کان وڌيڪ عالمي سربراهن شرڪت ڪئي. پاڪستاني جٿي جي اسٽيڊيم آمد تي شوقينن طرفان آجيان ڪئي وئي. پاڪستان جٿي ۾ هڪ ايٿليٽ ۽ پنج آفيشل شامل آهن. ڪووڊ 19 جي خطرن جي باوجود سخت قائد سان سرمائي اولمپڪس جي شروعات ٿي ان کان سواءِ آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن انساني حقن جي ڀڃڪڙِ جا الزام مڙهيندي سفارتي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. افتتاحي تقريب چين جي صدر شي جن پنگ ۽ انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي جي چيئرمين ٿامس بيچ جي برڊز نيسٽ اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيندي ئي شروع ٿي، جتي گيمز ۾ شريڪ 91 ملڪن جا جهنڊا ڦڙڪي رهيا هئا. بيجنگ سرمائي اولپڪس جي ڊائريڪٽر زينگ يمو آهي، جنهن بيجنگ سمر گيمز 2008 جا انتظام به ڪيا هئا. افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم سان گڏ شاهه محمود قريشي، اسد عمر، فواد چوڌري ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close