بيجنگ :وزيراعظم عمران خان جي گذريل ڏينهن بيجنگ آمد بعد پاڪستان ۽ چين پاڪ-چين اقتصادي راهداري تحت صنعتي سهڪار جي فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون. مملڪتي وزير ۽ چيئرمين بورڊ آف انويسٽمينٽ محمد اظفر احسن ۽ چيئرمين نيشنل ڊيولپمينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن (اين آر ڊي سي) هي ليفنگ معاهدي تي صحيحون ڪيون. صنعتي سهڪار لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ (جي ڊبليو جي) جو مقصد سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ، صنعت ڪاري ۽ اقتصادي زونز جي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ عوامي ۽ سرڪاري ۽ نجي ٻنهي طرح جي منصوبن جو آغاز، منصوبابندي، عمل درآمد ۽ انهن جي نگراني ڪرڻ آهي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت جو جارحاڻو رويو ۽ هندوئتا علائقائي امن لا خطرو آهي. ڀارتي حڪومت خطي جي لا عدم استحڪام جو سبب بڻجي رهي آهي. دنيا کي ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. دنيا هڪ ٻي سرد جنگ کي نٿي برداشت ڪري سگهي، بين الاقوامي سياست ۾ ٽڪراءُ بدران سهڪار هجڻ گهرجي. افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ تعاون چين ۽ پاڪستان جي گڏيل مفادن وٽان آهي. چين جي ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽيز جي سربراهن ۽ نمائندن سان ملاقات ۾ عمران خان چيو ته پاڪستان ماضي ۾ به پل جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ ٻيهر ائين ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي چين جي حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سي پيڪ جو پهريون مرحلو بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ رابطي تي ٻڌل هو. ايندڙ مرحلي ۾ صنعتڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ سهڪار۽ زرعي تبديلي تي ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ چين جي سرڪاري ۽ خانگي ڪمپنين جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ چائنا ڪميونيڪيشن ڪنسٽريڪشن ڪمپني، هائوزانگ ٽيڪنالوجي زي جيانگ سي پورٽ گروپ، چئلينج فيشنز، هونان سن واڪ گروپ، رائل گروپ، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن، زنگ بانگ گروپ ۽ چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن جا اعليٰ عملدار شامل ٿيا. ڪارپوريٽ اڳواڻن وزيراعطم کي پاڪستان ۾ پنهنجي جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن ڌاتن ۽ ڪاغذ جي ري سائيڪلنگ، توانائي، ٽيڪسٽائيل، فائبر آپٽڪس نيٽ ورڪ هائوسنگ، ڊيري، ۽ واٽر مئنجمينت بابت منصوبن ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ وڏي دلچسپي ظاهر ڪئي. چائنا ڪميونيڪيشن ڪنسٽريڪشن ڪمپني اڏاوتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ ڪم ڪري ٿي. هائوزانگ ٽيڪنالوجي ڪاغذ سازي جي سامان ۾ مهارت رکي زي جيانگ سي پورٽ گروپ چين جي سڀ کان وڏي پورٽ آپريٽرز مان هڪ آهي. چئلينج فيشنز هڪ نالي واري ٽيڪسٽائيل ڪمپني آهي. هونان سن واڪ گروپ جو بنيادي ڪاروبار مواصلات ٿري ڊي پرنٽنگ ۽ اڏاوت آهي. رائل گروپ چين جو سڀ کان وڏو ڳئون جو کير پيدا ڪندڙ سڀ کان وڏو گروپ آهي. چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن سول انجنيئرنگ ۽ اڏاوتي منصوبن تي ڪم ڪري ٿو. زنگ بانگ گروپ صوبا جيان زي جو وڏو زرعي انترپرائيز آهي ۽ چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن چين جي وڏي زرعي صنعتي مشينري ڪئمپن مان هڪ آهي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيني ڪمپني جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي وٺڻ کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي اجاڳر ڪندي چيني ڪارپوريٽ اڳواڻن کي پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حوالي سان کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ سي پيڪ خاص اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو وٺڻ لاءِ چيو ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير صلاحڪار ۽ اعليٰ عملدار به هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close