اسلام آبادپاڪستان

نوازليگ ۽ پ پ جي قيادت عمران خان سان دشمني جي بنياد تي گڏ ٿي:وفاقي حڪومت

اسلام آباد/بيجنگ :سڌ سما واري وفاقي وزير فواد چوڌري نوازليگ ۽ پ پ قيادت جي ملاقات تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اهي ماڻهو وزيراعظم عمران خان سان دشمني جي بنياد تي گڏاڻا آهن. اها دلچسپ صورتحال آهي جو شهباز شريف جو پيٽ ڦاڙي پئسا ڪڍڻ جي ڳالهه ڪرڻ وارو آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو پاڻ هن جي گهر هليا ويا آهن. هن چيو ته جڏهن ڪا عزت نفس نه هوندي آهي ته اهو ٿيندو آهي جيڪو اسان لاهور ۾ ڏٺو. پي ڊي ايم ته اڳ ئي ڍري آهي، هر آئي ڏينهن پنهنهجو رخ بدلائيندي آهي. سندن ملاقات اسان جي ان موقف جي تائيد آهي ته اهي ماڻهو ڪڏهن به هڪٻئي کان ڌار ناهن ٿيا، بلڪه اهي ماڻهو وزيراعظم عمران خان سان دشمني جي بنياد تي گڏاڻا آهن. اسان تي نه اڳ فرق پيو نه هاڻي پوندو، عمران خان ملڪ جو مقبول ليڊر آهي. چوڌري فواد حسين وڌيڪ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي وزيراعظم لي ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقاتن دوران ڪشمير ۽ افغانستان اهم موضوع رهيا. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي وزيراعظم لي سان ملاقات ختم ٿي، جنهن کانپوءِ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات ٿي. ٻنهي ملاقاتن ۾ ڪشمير ۽ افغانستان ڳالهه ٻولهه جا اهم موضوع رهيا، چين پاڪستان جي سياسي، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرجي حيثيت سان سدائين اهم ڪردا ادا ڪندو رهيو آهي. ٻئي طرف منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته “پهنچي وهين پي خاڪ، جهان ڪا خمير ٿا”.مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻن جي ملاقات تي ردعمل ڏيندي اسد عمر چيو ته قوم اڄ جي ملاقات جي منتظر هئي، قوم کي شهباز شريف جون ڀڙڪيون ياد آهن، قوم کي انتظار هو ته اڄ پيٽ ڦاڙيا ويندا، قوم کي انتظار هو ته اڄ روڊن تي گهليو ويندو. قوم چوري ٿيل مال ڪڍرائڻ جي منتظر هئي پر ان بدران قاصدن کي بچائڻ کي ترجيح ڏني وئي. هن چيو ته عمران خان سال اڳ ٻڌايو ته زرداري ۽ شريف هڪ سڪي جا ٻه رخ آهن، سندن سياست جو بنياد ڪرپشن ۽ ان جو تحفظ آهي، قوم جي لٽيل دولت کسجڻ جو ڊپ کين متحد ڪندو آهي، قوم سندن ڏٽن ۾ نه ايندي، غلط فهمي ۾ نه رهن، سياسي اٽڪلن جو جواب ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button