پاڪستانسنڌ

دهشتگرد واقعا سرڪار جي ناڪام پاليسين جو نتيجو آهي:مولابخش چانڊيو

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ مولابخش چانڊيو چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا حڪومت جي ناڪام پاليسين جو نتيجو آهي، ڪمزور حڪومت جي ڪري دهشتگرد ڪارروايون ڪري رهيا آهن، پر عمران سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آهي، پاڪ فوج حرڪت ۾ نه اچي ها ته دهشتگردي وارن واقعن ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ها. گذريل ڏينهن پ پ پي ايس 66 جي صدر ۽ سينيئر اڳواڻ پاشا قاضي سان گڏ درگاهه ڇٽن شاهه بخاري تي حاضري ڀرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته عمران سرڪار پ پ خلاف نيب کي استعمال ڪري رهي آهي، ضيا ۽ آمر مشرف به پ پ خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون، پر اهي اڄ ڪٿي آهن، پ پ هميشه عوام جي ڀلائي واري سياست ڪئي آهي، بلاول ڀٽو جي حڪم تي 27 فيبروري تي لکين جيالا ۽ عام ماڻهو اسلام آباد ۾ گڏ ٿيندو، پو حڪمرانن کي خبر پوندي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي. هن وڌيڪ چيو ته متحده جو ڪردار گوڙ ڪندڙ ڪانو جيان آهي، هاڻ هنن کي ڪير پڇي به نٿو، ان ڪري اهي سنڌ سرڪار کي بليڪ ميل ڪرڻ لا ڌرڻا هڻن پيا، پو به هي ايترا ماڻهو احتجاج ۾ نٿا آڻي سگهن، جيترا اسان جي پاڙن يا گهٽين ۾ ڪارنر گڏجاڻين ۾ اچن ٿا. هر سنڌي ماڻهو ٽوپي پائي ڪراچي ويندو، ڏسون ٿا ته ڪير ٿو روڪي. هن چيو ته اسان بلاول ڀٽو زرداري کي ايندڙ وزيراعظم ڏسڻ چاهيون ٿا، باقي پارٽي وڌيڪ فيصلو ڪندي. هن چيو ته عمران مهانگائي کي روڪي نه سگهيو، اها حڪومت ناڪام آهي. جڏهن ته مولابخش چانڊيو، پاشا قاضي ۽ عمير چانڊيو درگاهه ڇٽن شاهه بخاري تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙحي دعا گهري. بعد ۾ مولابخش چانڊيو ۽ پاشا قاضي پ پ آفيس جو افتتاح ڪيو. ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندي مولابخش چانڊيو ۽ پاشا قاضي چيو ته نيازي سرڪار خلاف 27 فيبروري تي اسلام آباد ۾ دما دم مست قلندر ٿيندو، پو حڪمرانن کي لڪڻ جي جا به نه ملندي. ان موقعي تي سهيل قاضي، هدايت علي ۽ لالا رضوان مغل سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪن موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button