نفيس نگر: نفيس نگر ڀرسان ڳوٺ 16 ميل موري وٽ محمد حنيف راجپوت جي گهرن تي هٿياربندن چڙهائي ڪئي ۽ گهرن ۾ داخل ٿي زبردستي پرڻيل عورت فيضي زال علي رضا راجپوت ۽ 13 ورهين جي نينگري ڪوئل ڌي محبوب عالم راجپوت کي مبينه اغوا ڪري فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا. ان حوالي سان متاثر وارثن لياقت راجپوت، غلام مرتضى راجپوت ۽ ٻين صحافين آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته علي نواز ٽنگڙي، دلبر ٽنگڙي، عطا محمد ٽنگڙي، يعقوب ٽنگڙي ۽ ٻين هٿياربندن اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن کي اغوا ڪيو آهي، هٿياربند ان سان گڏ گهرن ۾ پيل ٻه تولا سون ۽ 3 لک رپيا روڪ رقم کڻي ڀڃ ڊاهه به ڪئي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل نياز محمد ٽنگڙي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي ناري گم ٿي وئي هئي، اسان شڪ جي بنياد تي گهرن ۾ داخل ٿي تلاشي ورتي، اسان ڪا به ڦرلٽ ناهي ڪئي. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته 5 ڏينهن اڳ هڪ ناري غلام مصطفى راجپوت سان گهران نڪري وئي هئي، جنهن جي پلاند ۾ هي واقعو پيش آيو آهي. ٻئي طرف واقعي بعد ڊي ايس پي جهڏو سميت نئون ڪوٽ، جهڏو ۽ ٽنڊو جان محمد سميت مختلف ٿاڻن جي وڏي تعداد ۾ پوليس اٽالن واقعي واري هنڌ پهچي متاثرن کان تفصيل ورتا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ٽن جوابدارن عطا محمد ٽنگڙي، دلبر ۽ امير حيدر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پر گرفتاري ظاهر نه ڪئي آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نئون ڪوٽ جنيد ميمڻ ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪريون پيا، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتاريون عمل ۾ آنديون وينديون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close