اسلام آبادپاڪستان

عوام وٽ تحريڪ انصاف کانسواءِ ٻيو ڪو بهتر آپشن ناهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور طاقت سان ميدان ۾ لهنداسين، تحريڪ انصاف ملڪ جي مقبول ترين جماعت آهي، عوام وٽ پي ٽي آءِ کانسواءِ ٻيو ڪو بهتر آپشن ناهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم مڪاني چونڊن لاءِ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ مڪاني چونڊن جي تيارين جو جائزو ورتو ويو، مڪاني چونڊن ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست جي طريقي ڪار تي به مشاورت ٿي، وڏن شهرن ۾ ميئرز لاءِ نالن جي تجويزن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم عوامي جلسن جو شيڊيول تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي چين دوري بابت به بريفنگ ڏني وئي ۽ وزيراعظم دوري جي ڪاميابي اجاڳر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button