اسلام آباد: ڊيرا اسماعيل خان ۾ تحريڪ انصاف کي وڏو جهٽڪو، اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي اميدوار کي چونڊ ميدان مان ٻاهر ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي ڀاءُ عمر امين کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي 3 رڪني بئنچ وفاقي وزير علي امين گنڊاپور خلاف ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي واري ڪيس جي شنوائي ڪئي. چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته پي ٽي آءِ اميدوار عمر امين گنڊاپور ڊي آءِ خان سٽي جي ميئر جي سيٽ لاءِ چونڊ نه وڙهي سگهندو. اليڪشن ڪميشن علي امين گنڊاپور کي ڊيره اسماعيل خان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيندي سندس ڀاءُ عمر امين کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. عمر امين گنڊاپور منير ڊيره اسماعيل خان جو اميدوار آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close