ڪراچي: پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيا عطا مري چيو آهي ته 27 فيبروري تي نااهل وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ پيپلزپارٽي طرفان ڪراچي کان ملڪ گير لانگ مارچ جي شروعات ڪئي ويندي، جنهن جي اڳواڻي بلاول ڀٽو زرداري مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ ھن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ کي ڌارين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ ملڪ جي پارليامينٽ کي خبر ئي ناهي ته ڪهڙن شرطن تحت قرض ورتو پيو وڃي. هن چيو ته موجودا نالائق حڪومت پارليامينٽ کي مفلوج ۽ بي توقير ڪيو آهي ۽ عمران خان ملڪ ۽ قوم کي قرض ۾ ٻوڙي جشن ملهائي رهيو آهي جڏهن ته ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائي سبب غريب ماڻهو پنهنجن ٻارن کي ٻه وقت جي ماني به نٿا ڏئي سگهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close