
اسلام آباد؛ سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 52 هزار 327 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. اڱاري ڏينهن قومي صحت وزارت طرفان جاري ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 52 هزار 327 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جن مان 2 هزار 799 ماڻهن جو ٽيسٽون مثبت آيون آهن. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل ٽيسٽن جي مثبت اچڻ واري شرح 5 ڏهائي 34 سيڪڙو رهي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس سبب 37 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 1668 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.