پاڪستانسنڌ

صوفي فقير ۾ روڊ ۾ کڏا پوڻ خلاف سڄاڻ ڌرين جي ريلي

صوفي فقير: صوفي فقير ۾ عمرڪوٽ-ميرپورخاص روڊ ۾ ناقص مٽيريل جي استمعال خلاف قومي عوامي تحريڪ، جسقم آريسر، جي يو آ، راجا رستي شھري اتحاد ۽ ايس يو پي ڪارڪنن مين چوڪ کان راجا رستي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي اڳواڻن گل حسن پلي، غلام مجتبيٰ پلي، عاشق راڄڙ، آفتاب راڄڙ، مير پلي، جمالدين راڄڙ ۽ ٻين چيو ته پوڻا 3 ارب جي لاڳت سان تيار ٿيل روڊ ۾ ٺيڪيدار ناقص مٽيريل استعمال ڪيو آهي، جنهن سبب روڊ ھڪ مھيني اندر ھنڌان ھنڌان اُکڙي تباھه ٿي ويو آھي. شڪايتون ڪرڻ باوجود نيشنل ھا وي اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن نوٽيس ناهي ورتو. هنن مطالبو ڪيو ته مبينا ڪرپشن بند ڪرائي جاچ ڪرائي وڃي ۽ روڊ جو ڪم معياري ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button