اسلام آبادپاڪستان

فيصل واوڊا تاحيات نااهل،2 مهينن ۾ سموريون پگهارون ۽ مراعتون واپس ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فيصل واوڊا کي ٻٽي شهريت واري ڪيس ۾ ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرائڻ تي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اي سي پي سينيٽر فيصل واوڊا کان سموريون مراعتون به واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي.اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ فيصل واوڊا سينيٽ جي سيٽ کان محروم ٿي ويو. ڪالهه چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ فيصل واوڊا جي نااهلي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. چيف اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته فيصل واوڊا ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرايو. اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا کي بطور ايم اين اي سموريون مراعتون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته 2 مهينن ۾ سمورين پگهارون ۽ مراعتون واپس جمع ڪرايون وڃن. اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا جي سينيٽ جي رڪنيت جو نوٽيفڪيشن به واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪميشن طرفان ٻڌايل مختصر فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته فيصل واوڊا قومي اسيمبلي جي چونڊن جي موقعي تي ٻٽي شهريت ڇڏڻ جو حلفي بيان جمع ڪرايو هو، جنهن ۾ هن ڪوڙ ڳالهايو. ان لاءِ هو آئين جي آرٽيڪل 62 جي شق ون ايف جي زمري ۾ اچي ٿو، جنهن ڪري کيس تاحيات نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو. چيف اليڪشن ڪمشنر فيصلي ۾ چيو آهي ته 10 مارچ 2021 تي فيصل واوڊا جي بطور سينيٽر چونڊجڻ جو نوٽيفڪيشن به واپس ورتو وڃي. قومي اسيمبلي جي ميمبر طور سينيٽ چونڊن ۾ ڏنل ووٽ به غلط ڪاسٽ ڪيو ويو. فيصل واوڊا کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته هو ٻن مهينن جي اندر قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ وزير طور ورتل پگهارون ۽ مراعتون واپس ڪري. هن پنهنجو ڏوهه لڪائڻ لا اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏني هئي. ياد رهي ته فيصل واوڊ انااهلي ڪيس اليڪشن ۾ 22 مهينن کان وڌيڪ وقت شنوائي هيٺ رهيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي ڪيس جو جلد کان جلد فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button