اسلام آبادپاڪستان

هائي ڪورٽ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون روڪي ڇڏيون

اسلام آباد: اسلام آباد هائي ڪورٽ وفاقي راڄڌاني ۾ مڪاني چونڊون روڪي ڇڏيون. اسلام آباد هائي ڪورٽ مڪاني چونڊن جي حوالي سان سي ڊي اي مزدور يونين، آفيسرز ايسوسيئيشن ۽ سردار مهتاب جي درخواست تي شنوائي ڪئي. درخواستگذارن طرفان بيريسٽر عمران اعجاز گيلاني، قاضي عادل، ڪاشف ملڪ ۽ ٻيا وڪيل پيش ٿيا. قاضي عادل ايڊووڪيٽ چيو ته اليڪشن ٿي وڃي ۽ جنهن ڏينهن آرڊيننس ختم ٿيندو ته پوءِ ڇا ٿيندوزعدالت پڇاڻو ڪيو ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جي موجودگي ۾ آرڊيننس ذريعي نئون مڪاني نظام ڇو آندو ويو؟ ان دوران عدالت درخواستگذارن وڪيلن کي پنهنجون پنهنجون درخواستون پڙهڻ جي هدايت ڪئي. ڪاشف ملڪ ايڊووڪيٽ چيو ته سي ڊي اي آرڊيننس ۾ ڪا به ترميم ناهي ڪئي وئي.اسلام آباد هائي ڪورٽ چيو ته ڪهڙي صوبي مڪاني چونڊون ڪرايون؟ روئي روئي ته ڪم ڪري رهيا آهن، وفاقي حڪومت ته مڪاني چونڊون چاهي ئي نه پئي. حڪومتي وڪيل چيو ته خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊون ٿيون آهن، جنهن تي عدالت چيو ته مڪاني نمائندن وٽ ته اختيار ئي نه هئا، ڇا وفاقي حڪومت فنڊ جاري ڪيا؟ اسلام آباد هائي ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته يونين ڪائونسل وٽ ته فنڊ ئي نه هئا، ملڪ ۾ جنگ جي حالت هجي ۽ اسيمبلي اجلاس نه ٿي سگھندو هجي، رڳو ان وقت ئي آرڊيننس جاري ٿي سگھي ٿو. پارليامينٽ سيشن هجي ته اوهان ڪيئن آرڊيننس جاري ڪري سگھو ٿا؟ حڪومتي وڪيل چيو ته 19 نومبر تي پارليامينٽ جو سيشن ختم ٿي ويو هو، 23 نومبر تي آرڊيننس جاري ٿيو، ڇو جو اليڪشن ڪميشن جي 25 نومبر جي ڊيڊ لائن هئي.عدالت چيو ته 14 فيبروري 2021ع تي مڪاني ادارا ختم ٿيا، نومبر تائين ڇا ائين ئي رهيو؟ حڪومتي وڪيل جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن گھرو وزارت کي آرڊر ڪيو هو ته 10 ڏينهن ۾ قانون ٺاهيو. عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن کي روڪي ڇڏيون ٿا، اوهان آرڊيننس قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو.اسلام آباد هائي ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ شنوائي 3 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته جسٽس محسن اختر ڪياني اسٽي جاري ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button