اسلام آبادپاڪستان

آمريڪا پاڪستان کي هميشه پنهنجي مطلب لاءِ استعمال ڪيو:وزيراعظم

اسلام آباد :زيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان کي هميشه پنهنجي مطلب لاءِ استعمال ڪيو، جتي آمريڪا کي اسان جي ضرورت پئي ته هنن اسان سان لاڳاپا رکيا ان کان پوءِ ڇڏي ڏنو. ڪالهه پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته راندين سان جڙيل هئڻ باوجود مون چئلينجنگ شعبي جي چونڊ ڪئي. چئلينج کي قبول نه ڪرڻ ڪمزوري جي نشاني آهي. راندين جو ميدان ڇڏڻ کان پوءِ مون سڀني کان پهرين ڪينسر جو اسپتال ٺاهيو. سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ملڪ کي ڪرپٽ حڪمرانن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڪيو. 22 سالن جي جدوجهد کان وزيراعظم جي ڪرسي تي مقرر ٿيس. وزيراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته ملڪ ڪرپشن سبب غريب ٿيندا آهن ۽ جيڪي ملڪ طاقتور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نٿا آڻين اهي تباهه ٿي ويندا آهن. منهنجي پارٽي جو منشور ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ فلاحي رياست جو قيام آهي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن حڪومت ٺاهي ته اسان جي اوليت ڀارت سان لاڳاپن جي بهتري هئي. افغانستان بابت ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جي تاريخ جي سٺي ڄاڻ رکان ٿو. مون هميشه اهو چيو ته افغان مسئلي جو فوجي حل ناهي، ڇو ته افغانستان جي عوام پرڏيهي حڪمران قبول نٿي ڪري، مان پهرين ڏينهن کان افغانستان جي فوجي حل جو مخالف هئس. جڏهن ته آمريڪين افغانستان جي تاريخ ناهي پڙهي. جيڪي افغانين جي تاريخ سان واقف آهن اهي اهڙو قدم ڪڏهن به نٿا کڻي سگهن جيڪو آمريڪين کنيو. وزيراعظم چيو ته اسامه بن لادن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ آمريڪا جو مشن ختم ٿيڻ گهرجي ها، جيڪڏهن مقصد واضح نه هجن ته ناڪامي ٿيندي آهي ۽ آمريڪا جا افغانستان ۾ مقصد واضح نه هئا. هنن جو افغانستان جو مشن ڪوڙ جي بنياد تي ٻڌل ۽ بي مقصد هو. عمران خان چيو ته طالبان حڪومت تي پابنديون لڳائڻ سان نقصان افغان عوام جو ٿي رهيو آهي. افغانستان سنگين بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. پابندين سبب ملڪ ۾ افراتفري پکڙيل آهي. افغانستان ۾ پرڏيهي امداد بند ٿيڻ سان انساني تاريخ جو وڏو سانحو پيدا ٿي سگهي ٿو. پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي وزيراعظم چيو ته اهڙو به وقت هو جڏهن پاڪستان جا آمريڪا سان دوستاڻا لاڳاپا هئا ۽ جڏهن پاڪستان جي ضرورت نه رهي ته آمريڪا پاڪستان کان پري ٿي ويو. اڳوڻي سوويت يونين جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان آمريڪا جو دوست بڻجي ويو ۽ آمريڪا ان وقت اسان جي مدد ڪئي پر سوويت يونين جي افغانستان مان ويندي ئي آمريڪا پاڪستان مٿان پابنديون لڳائي ڇڏيون. عمران خان چيو ته 10 سالن کان پوءِ نائن اليون جو واقعو ٿيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا ٻيهر بهتر ٿي ويا. جڏهن افغانستان ۾ آمريڪا ناڪام ٿيو ته شڪست جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏنو ويو. وزيراعظم چيو ته آمريڪا سان پاڪستان جا لاڳاپا اهڙا ناهن رهيا جهڙا چين سان آهن. چين پاڪستان جو هر آزمائش تي لهندڙ دوست ملڪ آهي پاڪستان هر فورم تي چين سان گڏ رهيو آهي ۽ هن هر ضرورت تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button