اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم طرفان 10 بهترين وزيرن جو اعلان،وزارت اطلاعات ناڪام

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان بهترين ڪارڪردگي تي 10 وفاقي وزارتن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائي ڇڏيا. اطلاعات واري وزارت، ناڻي ۽ پرڏيهي وزارت سميت اهم وزارتون بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام ٿي ويون. ان حوالي سان ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار شهزاد اڪبر رپورٽ تيار ڪري وزيراعظم آفيس کي ڏني. جڏهن ته وزيراعظم بهترين ڪارڪردگي تي 10 وفاقي وزارتن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جو اعلان ڪيو. بهترين ڪارڪردگي تي 10 وفاقي وزارتن مان مراد سعيد جو پهريون، اسد عمر جو ٻيون ۽ ثانيا نشتر جو ٽيون نمبر رهيو. جڏهن ته چوٿين نمبر تي تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، پنجين نمبر تي وفاقي وزير شيرين مزاري، ڇهين نمبر تي وفاقي وزير خسرو بختيار، ستين تي معيد يوسف، اٺين نمبر تي عبدالرزاق دائود رهيو. شيخ رشيد جي وزارت جو نائون ۽ فخر امام جي وزارت جو ڏهون نمبر رهيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته شهزاد ارباب پهريان ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته ٽاپ 10 ڪير آهي، ان لاءِ باقي وزير ناهن آيا. مراد سعيد جي وزارت جي ڪارڪردگي بهترين آهي. مراد سعيد کي پهريون نمبر اچڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ سان وزارتن جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي. بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن جي ملازمن کي مراعتون ڏنيون وينديون. سزا ۽ جزا کان سواءِ دنيا جو ڪوبه نظام ڪامياب نٿو ٿي سگهي. واضح رهي ته جاري ڪيل لسٽ موجب وفاقي وزير فواد چوڌري، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وزير عمر ايوب، ناڻي وزير شوڪت ترين جون وزارتون بهترين ڪارڪردگي ۾ جڳهه ناهن ٺاهي سگهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button