اسلام آبادپاڪستان

اڃا پگهار وڌائي آهي،ٻيون به ضرورتون پوريون ڪنداسين:ناڻي وزارت

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ وفاقي ادارن جي سرڪاري ملازمن جي احتجاجي ڌرڻي کان هڪ ڏينهن اڳ حڪومت فيصلو ڪيو ته پهرين مارچ کان گريڊ 1 کان 19 تائين جي ملازمن کي سندن بنيادي پگھارن موجب 15 سيڪڙو ويريئنس الائونس ڏنو ويندو. رپورٽ موجب ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي حڪومتن کي به سرڪاري ملازمن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي فنڊن تي ڄاڻايل تجويزون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.لکت واري بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فنانس ڊويزن طرفان ڊگهي عرصي کان هڪ ئي گريڊ تي خدمتون انجام ڏيندڙ ملازمن جي ترقي لاءِ ٽائم اسڪيل پروموشن جي سمري بڻائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. بيان موجب ايڊهاڪ رليف/الائونسز کي پگھارن ۾ ضم ڪرڻ جو فيصلو پي اينڊ ڪميشن جي رپورٽ کان پوءِ ڪيو ويندو. ٻئي طرف ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته اها اڃا شروعات آهي ٻيون به ضرورتون پوريون ڪنداسين. هو وزيراعظم طرفان پگھارون وڌائڻ جي اعلان کان پوءِ سرڪاري ملازمن طرفان رٿيل ميڙاڪي ۾ پهتو. ان موقعي تي شوڪت ترين چيو ته ملازمن سان سٺو ڪيو پيو وڃي، جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورا ڪيو. هن چيو ته ڪالهه اسان وزيراعظم کي ٻڌايو ته اسان ملازمن کان هڪ سال اڳ واعدو ڪيو هو جنهن تي عمران خان چيو ته بلڪل، ملازمن سان ڪيل واعدا پورا ڪريو، هاڻ وزيراعظم ملازمن سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته اها اڃا شروعات آهي، انشاالله اوهان جون ٻيون به ضرورتون پوريون ڪنداسين، نوڪري پيشا ماڻهن کي مهانگائي تنگ ڪيو آهي، اسان کين سپورٽ ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button