اسلام آبادپاڪستان

بدترين ڪارڪردگي تي وزيرن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ تي عمران جو نالو گنيز بوڪ ۾ لکڻ گهرجي:مولابخش چانڊيو

اسلام آباد : پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو اهي ته بدترين ڪارڪردگي تي وزيرن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ تي عمران خان جو نالو گنيز بوڪ ۾ لکيو وڃي. پنهنجي بيان ۾ مولابخش چانڊيو چيو ته ڪٺپتلي حڪومت کي گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ سان به رابطو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ جو سڄو ميلو مراد سعيد کي نوازڻ لا سينگاريو ويو. عمران خان پنهنجي ڇاڙتي مراد سعيد کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻين کي به سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيا. مولابخش چانڊيو چيو ته وزيراعطم کان سوال آهي جيڪڏهن ڪابينا ايتري ئي لائق هئي ته پوءِ لاڳيتو قلمبدان ڇو تبديل ڪيا ويا. هن چيو ته ان اهليت جو راز ته پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ به ظاهر ٿيو جتي وزير مافيون وٺي رهيا هئا زنده انسانن کي ته انهن کان تڪليف هئي، هاڻي عدالت کين قبرن کان معافي وٺڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button