اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان اوچتو بنا پروٽوڪول جي اسلام آباد جي G-13 منصوبي جو دورو ڪيو. وزيراعظم جي دوري کان سندس اسٽاف، لاڳاپيل اختياريون ۽ وزير به بي خبر هئا. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان سان گڏ خاص صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ اسٽاف کي الڳ گاڏي ۾ منزل ٻڌائڻ کان سواءِ دوري تي آندو ويو. صبح سوير منصوبي تي پهچڻ تي ڪم ڪندڙ اسٽاف ۽ اختياريون به موجود نه هيون. ڪنسٽرڪشن سائٽ تي مئنيجر کي گهرايو ويو، جنهن وزيراعظم کي منصوبي جي تعمير جي رفتار تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم پاران ڪيل اوچتو دورو ذريعن کان ملندڙ منصوبي جي تعمير ۾ سست رفتاري جي اطلاع تي ڪيو ويو. وزيراعظم دوري دوران اختيارين ۽ ملازمن جي غير حاضري جو پڻ نوٽيس ورتو ۽ منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close