نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ ۾ زيادتي جو شڪار ٻن نارين وٽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پهچي همدردي جو اظهار ڪيو. اڳواڻن کين هر صورت ۾ ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي. رپورٽ موجب نئون ڪوٽ پوليس واقعي جي مک جوابدار علي نواز ٽنگڙي کي اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي. پوليس موجب علي نواز جي گرفتاري لا ڇاپا ھنيا آهن، جوابدار وڏي باغ ۾ لڪيل آهي، جتان فائرنگ پڻ ٿي رھي آهي، پوليس جي ڀرپور ڪوشش آهي ته مک جوابدار پڪڙجي سگھي. علائقي ۾ وڏي تعداد 4 ڏينھن کان پوليس اٽالا ۽ بڪتر بند گاڏيون بيهڻ باوجود مک جوابدار گرفتار ناهي ٿيو. ٻئي پاسي ايس ٽي پي ضلعي ميرپورخاص جي وفد ضلعي صدر مير يونس ٽالپر، پرويز علي نوحاڻي، ڪامريڊ سجاد ڪنڀر، محبوب لنڊ ۽ ڪامريڊ بچل سنڌي جي اڳواڻي ۾ باغ پاڙي پهچي متاثر نياڻين جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ پارٽي طرفان ھر قسم جي سھڪار جو يقين ڏياريو. پ پ ليڊيز ونگ جي وفد ايم اين اي شميم آرا پنھور، پ پ تعلقي جھڏو جي صدر نياز ڀنڀرو، سجاد لاشاري، حنيف ڪنڀار، محبوب پتافي ۽ بابو ذيشان علي ڪي ڪي جي اڳواڻي ۾ متاثر نياڻين سان ملاقات ڪئي. هنن ھمدردي جو اظھار ڪندي چيو ته پ پ جي مقامي قيادت ۽ ايم پي اي مسلسل متاثر ڌر سان رابطي ۾ آهي، واقعي کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي، اسان جون سڀ ھمدرديون متاثر ڌر سان آهن. ٻئي طرف ايس ايس پي ميرپورخاص جي وربلي حڪم تي متاثر نياڻين جي گھر اڳيان رڳو ٻن پوليس اهلڪارن کي سيڪيورٽي لا مقرر ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close