اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا 44 مريضن جون حياتيون کسي ورتيون،3 هزار 19 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد:ملڪ ۾ ڪرونا جي پنجين لهر وڌيڪ 44 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 29 هزار 731 ٿي ويو. پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 14 لک 80 هزار 592 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 19 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 94 هزار 238، سنڌ ۾ 5 لک 56 هزار 772، خيبرپختونخوا ۾ 2 لک 8 هزار 817، بلوچستان ۾ 35 هزار 17، گلگت بلتستان ۾ 11 هزار 116، اسلام آباد ۾ هڪ لک 32 هزار 892، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 41 هزار 740 ڪيس رپورٽ ٿيا. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 56 لک 96 هزار 17 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 56 هزار 260 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 13 لک 70 هزار 693 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 640 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button