پاڪستانپنجاب

فضل الرحمان جو اڳوڻي صدر سان رابطو،بي اعتمادي رٿ تي گڏ آهيون:زرداري

لاهور : اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي معاملي تي سڄي اپوزيشن سان گڏ آهيون. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي ٽيليفون ڪئي ۽ سندس خيريت دريافت ڪئي. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. ذريعن موجب ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن سياسي صورتحال تي حڪومت مخالف قدمن تي ڳالهايو. ان موقعي تي آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته بي اعتمادي جي معاملي تي سڄي اپوزيشن سان گڏ آهيون. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت جي اتحادين سان به جلد رابطا ڪنداسين. واضح رهي ته اپوزيشن جماعت جي اتحاد پي ڊي ايم وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته پي ڊي ايم 23 مارچ تي حڪومت مخالف لانگ مارچ ڪرڻ جو فيصلو به برقرار رکيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button