اسلام آبادپاڪستان

بجلي 3 رپيا 10 پئسا في يونٽ مهانگي،26 ارب 40 ڪروڙ عوام مان اضافي اوڳاڙيا ويندا

اسلام آباد :نيپرا ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ مهانگائي جي ماريل عوام لا بجلي 3 رپيا 10 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.تفصيل موجب نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڊسمبر جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 3 رپيا 10 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي(سي پي پي اي) بجلي 3 رپيا 12 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي لاڳاپيل اٿارٽي پهرين فيبروري 2022 تي عوامي شنوائي ڪئي هئي. نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمتن ۾ واڌ صرف فيبروري واري مهيني جي بلن تي هوندو. ان کان اڳ نومبر دوران ايف سي اي صارفين کان 4 رپيا 30 پئسا جنوري ۾ چارج ڪيو ويو هو، جيڪو صرف 1 مهيني جي لاءِ هو. ڊسمبر جو ايف سي اي نومبر جي نسبت 1 رپيو 20 پئسا فيبروري ۾ گهٽ چارج ڪيو ويندو. بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه ٿيندو. پڌرائي موجب بجلي مهانگي ڪرڻ سان عوام مان 26 ارب 40 ڪروڙ اضافي اوڳاڙيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button