اسلام آبادپاڪستان

ٽاپ ٽين وزيرن ۾ نالو نه اچڻ تي شوڪت ترين به ناراض اچڻ لڳو

اسلام آباد: ٽاپ ٽين وزيرن ۾ نالو نه اچڻ تي وفاقي وزير شوڪت ترين به ناراض نظر اچڻ لڳو ۽ چيو آهي ته وزيراعطم مطمئن نه ٿيو ته هليا وينداسين. جڏهن ته اهڙي بيان واري وڊيو به وائرل ٿي وئي آهي. ان موقعي تي صحافين معلوم ڪيو ته ڪارڪردگي جي لحاظ کان ٽاپ ٽِين وزيرن ۾ اوهان جو نالو ناهي آيو؟ هن ئي حڪومت ۾ هن کان اڳ 3 ناڻي وارا وزير تبديل ٿي چڪا آهن. جيڪڏهن وزيراعظم اوهان جي ڪم مان به مطمئن نه ٿيو ته اوهان ڇا ڪندا. شوڪت ترين بيزاري واري لهجي ۾ جواب ڏنو ته هليا وينداسين. ياد خيال رهي ته ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 10 وزيرن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا آهن، جن ۾ وفاقي وزير مراد سعيد پهرين نمبر تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button